ساڌو نولراءِ

ساڌو نولراءِ

ساڌو نولراءِ

ساڌو نولراءِ: ساڌو نولراءِ، سنڌ جو ناميارو سماج سڌارڪ ۽ برهمو سماجي اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جنهن 10 جولاءِ 1848ع تي، حيدرآباد، سنڌ جي نامياري شخصيت، مکي شوقيرام آڏواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو والد شوقيرام آڏواڻي، ميرن جي شڪست وقت مکي آوتراءِ کانپوءِ، حيدرآباد جو مکي بڻيو هو. نولراءِ، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو، جيڪو عهدو، ان زماني ۾ هڪ سنڌيءَ توڙي هند واسيءَ لاءِ وڏو عهدو هو. نولراءِ، حيدرآباد ۾، ’سک سڀا‘ جو پايو وڌو هو، جيڪا گرو نانڪ جي معتقد ۽ معتبر هندن تي ٻَڌل هڪ تنظيم هئي. ساڌو نولراءِ پهريون سنڌي اڳواڻ هو، جنهن سنڌ ۾ برهمو سماج جو بنياد رکيو. برهمو سماج جو پسمنظر هي آهي ته انگريزن، سنڌ 1843ع ۾ فتح ڪئي، ان کان 13 سال اڳ راجا رام موهن راءِ، 1830ع ۾ بنگال ۾ برهمو سماج جو بنياد وڌو هو، جيڪو ان زماني جي پس منظر ۾، هڪ انقلابي قدم هو. برهمو سماج هڪ سماجي تحريڪ هئي، جنهن جون شعوري پاڙون ننڍي کنڊ جي ڏاهپ ۽ اخلاقيات ۾ کُتل هيون ۽ ان جو فلسفو يورپي ڏاهپ ۽ سماجي وهنوار جي طور طريقن کان متاثر هو. هن تحريڪ اڳتي هلي، ستيءَ جي رسم جو خاتمو آندو، ڇوڪرين جي تعليم عام ڪئي ۽ مذهبي رواداريءَ جي سوچ کي ترقي ڏني. راجا رام موهن راءِ جي وفات کانپوءِ ’برهمو سماج‘ کي مها ڪوي ٽئگور ۽ ڪيشپ چندرسين اڳتي وڌايو ۽ ان ۾ سُڌارا آندا. ساڌو نولراءِ، پهريون سنڌي هو، جنهن سڀ کان اڳ ۾، ڪيشپ چندرسين جي برهمو سماج تحريڪ جو سڏ ورنايو. هن پنهنجي روحاني نيتا کي روبرو ٻُڌڻ لاءِ سريلنڪا ۽ ڪلڪتي جا پنڌ ڪيا. نولراءِ جـڏهــن 15 آڪٽوبر 1872ع تي، ڪمشنر آفيس مان بدلي ٿي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي آيو ته 11 ڊسمبر 1873ع کان حقي موڪل وٺي، ڪيشپ چندر سين سان ملڻ لاءِ ڪلڪتي ويو. جتان واپس اچي هن حيدرآباد ۾ اڳ قائم ڪيل ’سک سڀا‘ کي ساٿين جي مشاورت سان ڦيرائي برهمو سماج مندر ۾ تبديل ڪيو ۽ ان جو افتتاح، هن مهارشي ديوندرناٿ ٽئگور جي وڏي پٽ، حيدرآباد، سنڌ جي سيشن جج، ستيندرناٿ ٽئگور کان 1875ع ۾ ڪرايو. ان موقعي تي رواداريءَ ۽ سهپ جي برهمو متي کي قائم رکندي، شهر جي قاضيءَ، قرآن جون آيتون، تلاوت ڪيون، ديوان ڪوڙيمل چندن، ’برهم ڌرم‘ جا مول متا پڙهي ٻُڌايا ۽ ساڌو نولراءِ پرارٿنا ڪئي. اهو مندر، حيدرآباد جي موجوده سول اسپتال جي سامهون، هاڻوڪي لبرٽي مارڪيٽ وٽ هو. ان مندر جي تعمير جو سڄو خرچ ساڌو نولراءِ ڪيو هو. جڏهن اڳتي هلي برهمو سماج تحريڪ زور ورتو ته هن پراڻي مندر جي ڏکڻ ۾ شراڪتي فيصلي سان هڪ نئون برهمو مندر ٺهرايو ويو، جنهن جي تعمير لاءِ نولراءِ جي ڀاءُ تاراچند شوقيرام ڪوششون ورتيون ۽ ان جو سمورو خرچ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي برهمو مردن ۽ عورتن ڀريو، ان مندر جو مهورت، ڪيشپ چندرسين جي نياڻيءَ، مهاراڻي سچارو ديويءَ، ڏياريءَ جي ڏينهن تي آڪٽوبر 1931ع ۾ ڪيو هو.
ساڌو نولراءِ، برهمو سماج جي سکيا جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي، شروع ۾ گهر توڙي پئنچائت وڏو ڏڦيڙ ڪيو، پر هن ان جو مقابلو برجستگيءَ ۽ همت سان ڪيو. اهو عجيب اتفاق هو، ته ان زماني ۾ حيدرآباد جي سماجي افق تي عظيم شخصيتن جي ڪهڪشان موجود هئي، جنهن جمود واري فضا ۾ تحرڪ آندو ۽ اهڙو وايومنڊل پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وچولي طبقي کي متاثر ڪيو، ان ڪهڪشان (Galaxy) جا ستارا نولراءِ شوقيرام (1848-1893)، ديوان ڪوڙو مل چندن مل (1843-1916)، راج رشي ڏيارام گدو مل شهاڻي (1857-1927) ۽ ساڌو هيرانند (1863-1893) هئا، جن برهمو سماج جي پليٽفارم تان سماج جي سڌاري جون هيٺيون ڪوششون ڪيون: (1) ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ، (2) عورتن جي علاج معالج جو بندوبست ڪرڻ، (3) سستي ۽ عوام جي مددگار ادب جاري ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ، (4) نشي جي خلاف مهم هلائڻ، (5) مذهبن جي وچ ۾ ڀائپي پيدا ڪرڻ. هنن ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ، ان وقت جي انقلابي تحريڪن جي مرڪز، ڪلڪتي سان سڌي رابطي ۾ آئي. سنڌ ۾ ساڌو نولراءِ ۽ سندس ساٿي عملي ڪوششون ڪري رهيا هئا. ان دؤر جي عوامي تنظيمن ۽ سڀائن جي ڪوششن جا مثال شاندار عمارتن جي صورت ۾ اڄ به حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ سکر ۾ موجود آهن. هن تحريڪ سستي ادب جي ميدان ۾، عوامي آگاهيءَ لاءِ ڪيترا ڪتابچا ۽ مضمون ڇپايا. ساڌو نولراءِ، نه رڳو پنهنجي ڀائرن جي تربيت ۽ تعليم ۾ ڪردار ادا ڪيو، پر ساڌو هيرانند سان گڏجي سنڌي عورتن جي تعليم ۽ صحت لاءِ وڏو سماجي ڪم ڪيو. هن 1888ع ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ هيرانند سان گڏجي يونين اڪيڊميءَ جو بنياد وڌو ۽ 1890ع ۾ نولراءِ، هندو سوشل رفارم ائسوسيئيشن جي گرمکيءَ ۾ نڪرندڙ مخزن سڌار پتريڪا جو ايڊيٽر ٿيو، هن ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه گهر، حيدرآباد ۾ عورتن جي اسپتال ۽ شڪارپور ۾ يتيم خانا کولايا. ننڍپڻ جي شادين خلاف مهم هلائي، سخت مخالفتن کي منهن ڏنو. سندس اپڪار ۽ سماجي خدمت جا ڪارناما سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن جو ڪيشپ چندرسين جي هيٺئين سنيهي ۾ پڪو يقين هو: ”مستقبل جون ڌيئرون ۽ پٽ، هندوڌرم ۽ اسلام جي اعليٰ ۽ نفيس روايتن جا امين ۽ وارث هوندا، هو تمام اعليٰ ٻاجهه ۽ پيار جي قربت ۾ رهندي، زندگيءَ جي هر موڙ تي انهيءَ جي خدمت ڪندي، سچ جو ساٿ ڏيندا ۽ ڪوڙ ۽ گناهه جو مقابلو ڪندا.“ سنڌ جي هن عظيم سماج سڌارڪ ۽ تعليمي خدمتگار، ساڌو نولراءِ، 22 نومبر 1943ع تي لاڏاڻو ڪيو. سندس سماڌي برهمو سماج مندر ۾ ٺاهي وئي، جنهن کي 1960ع ۾ ڪليمينٽن ڊهرائي پٽ ڪري، ان ميدان تي لبرٽي مارڪيٽ ۽ حسين اسڪوائر ٺهرايو.


لفظ ساڌو نولراءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1848.07.10  عيسوي

ساڌو نولراءِ، سنڌ جو ناميارو سماج سڌارڪ ۽ برهمو سماجي اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جنهن 10 جولاءِ 1848ع تي، حيدرآباد، سنڌ جي نامياري شخصيت، مکي شوقيرام آڏواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1943.11.22  عيسوي

سنڌ جي هن عظيم سماج سڌارڪ ۽ تعليمي خدمتگار، ساڌو نولراءِ، 22 نومبر 1943ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت بابا گوبندرام
حبيب ميربحر
خلجي جلال الدين فيروز
رانجهاڻي عبدالستار
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
ديدار حسين شاهه رضوي:
زاهده گوپانگ
درازي سخي قبول محمد فاروقي ٻيو
جواهر لعل نهرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون